ڀانان مڱڻهار

ڀانان مڱڻهار: مائي ڀانان لوڪ گيتن، سهرن، لاڏن جي بهترين گائڪا هئي. مشهور طبلي نواز شهباز ڏنو ۽ ڍولڪ نواز ربڏنو مڱڻهار سندس فرزند آهن. مائي ڀانان، ڳوٺ گيمڙو ضلعي گهوٽڪيءَ جي مشهور مڱڻهار خاندان سان تعلق رکندي هئي، هي خاندان ساز ۽ سنگيت جي وڏي ڄاڻ رکي ٿو ۽ اتر سنڌ ۾ مشهور آهي. مسلمانن توڙي هندن جي شادي ڪاڄن ۾ عورتون مائي ڀانان جي شرڪت کي لازمي سمجهنديون هيون. هيءَ فلاحي ڪمن ۾ به علائقي جي مشهور مائي پار پتي ۽ مائي بچي دائيءَ سان گڏ اڳڀري رهندي هئي، آگسٽ 2002ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو